سهتو، علي رضا قاضي

سهتو، علي رضا قاضي

علي رضا سهتو قاضي

علي رضا سهتو، قاضي : قاضي علي رضا سهتي، 14 اپريل 1976ع ۾ ضلعي نوشـﮬـري فيروز، تعلقي ڀريا جي ڳوٺ دليپوٽا ۾، علائقي جي نامياري تعليمدان استاد دين محمد سهتي جي گهر ۾ جنم ورتو. انٽر تائين تعليم مٺياڻي ۽ نوشهري فيروز مان حاصل ڪرڻ بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين. 2001ع کان 2006ع تائين صحافت سان لاڳاپيل رهيو، مختلف سنڌي روزاني اخبارن: ’تعمير سنڌ‘، ’سنڌ‘، ’هلچل‘، ’شام‘، ’ڪوشش‘ ۽ ’پاڪ‘ ۾ سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽوريل پيج جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين، سندس ٻه سؤ جي لڳ ڀڳ مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. 2006ع ۾ تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. سندس پهريون ڪتاب ساهتي پرڳڻي جي مشهور سماجي شخصيت ڊاڪٽر رانجهن پنهور تي لکيل تاثراتي خاڪن جي ڪتاب ’ساهتيءَ جو اڻملهه هيرو‘ آهي، جيڪو 2008ع ۾ گل پنهور پبليڪيشن ڳوٺ گل محمد پنهور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. 2012ع ۾ ساهتيءَ جي تاريخي شـﮬـر ٺاروشاه تي لکيل دستاويزي ڪتاب: ’ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر‘ لکيائين؛ جيڪو ’علي پبليڪيشن ٺاروشاه‘ طرفان پڌرو ٿيو. ان کان سواءِ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري جي سالياني مخزن ’ساهتيءَ‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿس؛ جنهن جا ٻه ساليانه شمارا نڪري چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.04.14  عيسوي

قاضي علي رضا سهتي، 14 اپريل 1976ع ۾ ضلعي نوشـﮬـري فيروز، تعلقي ڀريا جي ڳوٺ دليپوٽا ۾، علائقي جي نامياري تعليمدان استاد دين محمد سهتي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سھراب سومرو
خواجه بهاءُ الدين
ڏيرو رسول بخش
انور سومرو 2
عبدالمجيد مري سنڌي پروفيسر
ڄام ڪارائڙو
برهان الدين قطب عالم
اسماعيل عليه السلام
شفيع محمد شاهه
آخوند محمد حيات حاتم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون